توسان ڳالهيون ڪندي چپ نه ٿا ڍاپجن
سرمد سنڌي جي آواز ۾ ڳايل سنڌي گيت ڪوثرٻرڙو جو بهترين سنڌي گيت
توسان ڳالهيون ڪندي چپ نه ٿا ڍاپجن
پر ايڏا لفظ مٺڙا ڪٿان آڻجن
ڀلا ڪنهن کي چاهڻ جي ڪا حد آ هوندي؟
محبت جون موجون نه ٿيون ماپجن
تون ته آئين ۽ جاني هليو ٿو وڃين
ڏک ڏوراپا ڀلا پوءِ ڪنهن کي ڏجن
هِڪڙي حياتي ته پوري نه پوندي مٺا
پرين پيار لئه ڪي حياتيون هُجن
جي واقعي خدا وٽ لکيل ڪجهه آهن
ته منهنجون خوشيون سڀ توکي مِلن
1 Comments
ڪوثرٻرڙو جو ڪلام توسان ڳالهيون ڪندي چپ نه ٿا ڍاپجن سرمد سنڌي جي آواز ۾
ReplyDeletetosan ghaliyoon kandey chap na tha dhapjan
اوهان جو قيمتي رايو اسان لاءِ سرمايو