سچل سرمست سائين جا بيت
Bait Sindhi Poetry Sachal Samast
وحدت
1
اَول ڀيري ڀَڃ، جي بَندَ خيالات جا
تَنھِن پڄاڻا وَڃ، حَلّاجِي حيرتَ ۾
2
ھِيءَ نه واٽَ ھئاءِ جي، آھي نڪا تَقلِيدَ
تَحقيقاً توحيدَ، آھي راهَ رسولَ جِي
3
ھِڪ سَفَرساعَتَ، ٻيو سَفر سالَ جو
پھريون تا راحتَ، پويون تا پوءِ رَھيو
4
جي تو ادب آھ، تا ٻَنڌاڻَن ٻَڌِي وَڌين
ڪَلَ نَه پِيَڙءِ ڪاءِ، اصولِي اِسرار جي
5
پٺيءَ ڄَڃَ نه ڄل، مَنجھ تَماشي نه پَوين
گھوٽ ڪري تون پاڻ کي، ڪَر ھَنگامان ھل
ڀولِ نَه ٻئي ڪَنھِن ڀل، وَٺِج حال حَلاجَ جو
6
پٺيءَ ڄَڃَ نَه ڄل، تون ڪَر پاڻ کي گھوٽ
مَردَ نه ھِتَئون موٽ، پٺيءَ لائي ڄڃڙي
7
جَڏھن وِھين فڪر ۾، خاصو ڪري خيال
تَڏھن فراق وارا فِي الحال، بَندَ ٻَڌندءِ وچَ ۾
8
حڪم ھَلي ٿو جَنھِن سان، سو ڪر پيدا پاڻ
صورت سا سڃاڻ، منھن ڪَري مورَتَ کي
9
"تون" ھي سان "تون" لَڀين، "مان" لَڀان "تو" سان
"تون"، "ھي"، "آءٌ" سَڀھِين، "لا" ۾ موجودات ٿي
10
جي تو ڄاتو "پاڻ"، ته "آءٌ" ٻيو ڪو آھيان
ڪَندءِ غرق گمان، ڳَھلا انھيءَ ڳالھه ۾
11
اَدب اَٿئي اوٽ، اوٽِ ته اڳاھون ٿِئين
مارنغاري چوٽَ، عاشِقَ "اَنَاالحق" جِي
12
جي فِڪر کَئون فارغ ٿيا، ٿيا دنيا کان دور
ھوندا سي حضور، آء ڳرھيون ڳالھڙيون
13
بيرنگيءَ مَئون رنگ، پَسو جو پيدا ٿئو
ظاھِرَ ۾ پئو زَنگ، موسىٰ ۽ فرعونَ جو
14
تون جا ڀائين مَوجَ، سا مِڙِيائي مِھراڻ ٿي
ھِي انھن جا اوجَ، جَن سنبَت سوريءَ پار ڏي
15
دِين ڪفر دِل دام، ڏج مڙيوئِي موج ۾
تنھن کان پوءِ حڪام، ھَر ڪنھن ھَنڌ تنھنجو ھَلي
16
جاڏي ڪياڙي، سجدو تاڏي نه ٿئي
جاڏي مھاڙِي، سجدو تِت صحيح ٿيو
17
ظاھر ڪَڪَر آنءِ، مِينھن توئِي باطن ۾
پاڻ اھوئي ڀانءِ، جنھن وَسي سان وَسَ ٿئي
18
سوز گداز۽ غَم، مِڙِيوئي معافِي ٿيو
ماردَمامين دَم، عاشِقَ "اناالحقَ" جو
19
جي ادب کان نِڱِئا، سي ئي ٿيا الله
ھن وڃايو راہ، ھو ھاڃي ۾ ھڄِي وِيا
20
تون تاڪا ٿي آنءِ، پاڻ اَول لَھ پانھنجو
جيلَھان ٻِئي نانءِ، پَئين تيلھان تفاوَت ۾
21
ڄاڻ نه تَفاوت، عبد ۽ اللهَ جو
ھو آھي اَمرت، ھِي ڀِي ڏور نَه ان کَئون
22
الله ڄاڻ نه ھن کي، ھِي مِڙِيوئي حَق
ناھي شبھو شَڪ، جو مَعلوم ٿيو مرشِدَ کَئون
23
معلوم ٿِي مرشدَ کَئون، ٻي جا ڳجھِي ڳالھ
ھِن جِي ڇاھِ مجالَ، "ھو" لَڀي "ھن" سين
24
ھِي تان مور نه وَڃڻو، چئو وڃي ڪاڏي؟
"ھو" "ھِي"، ھِڪ ڪري، مورک ڇَڏِ ماڏي
25
جھڙو ڀائِيندين، "پاڻ" پَنھنجو پاڻھين
تِھڙو ئِي ٿِيندين، ھت ڀِي ساڻ يقين جي
26
جيڪي آھي ھِتِ، ھت ڀي اھو ئِي اٿَئِي
ڀَڃ اھائي ڀِتِ، تان تون اھو ئي رَھين
0 Comments
اوهان جو قيمتي رايو اسان لاءِ سرمايو