ٿي وئي آ اها زنجير ڇني سگهندين تون - شيخ اياز جي شاعري
ٿي وئي آ اُها زنجير، ڇني سگهندين تون؟
گل ڇني ٿو سگهين، خوشبو ته اُتيئِي آهي.
جا سندس وارَ ڇُهي، هِيرَ ڇِني سگهندين تون؟
عشق کان عشق جي تقدير ڇِني سگهندين تون؟
چنڊ کان يار جي تصويرَ ڇني سگهندين تون؟
جيءَ ۾ جي لڳو جادو ته اُتيئي آهي.
هُو مٿي سمنڊ منجهان وِيرَ، ڇني سگهندين تون؟
ٿي وئي آ اُها زنجير، ڇِني سگهندين تون؟
0 Comments
اوهان جو قيمتي رايو اسان لاءِ سرمايو