شيخ اياز جي شاعري تو نه سوچيو آ
Sindhi Poetry Shaikh Ayaz To Kadhen Sochiyo AA
سنڌي غزل شيخ آياز
تو نه سوچيو آ ڪڏهن، موت ته اِسرار نه آ،
زندگيءَ کان وڏو اِسرار نه آهي ڪوئي
چَنڊُ گل مهر مٿان عشق جو اقرارُ نه آ
وقت درياهه سهين، عشق جيان ڄار نه آ
پَل مڇين جيئن ٿا تِرڪن جي ڪوئي پيار نه آ
عاشقيءَ کان وڏو اِسرار نه آهي ڪوئي،
عاشقيءَ کان چڱو ڪو لوءَ ۾ ٿڌڪارُ نه آ،
تو نه سوچيو آ ڪڏهن، موت ته اسرار نه آ.
0 Comments
اوهان جو قيمتي رايو اسان لاءِ سرمايو