مون پنهنجي هڪ الڳ ڪائنات جوڙي آهي
رباب سومرو
مون پنهنجي هڪ الڳ ڪائنات جوڙي آهي!
منهنجي احساسن جو هڪ وشال آسمان آهي !
ان آسمان ۾ منهنجو چهرو چنڊ جئيان چمڪندو آهي !
۽ منهنجا خواب تارا بڻجي مونکي تڪيندا آهن
هر صبح هڪ نئون سج منهنجي
هٿن تي نوروز جي خوشي کڻي اڀرندو آهي !
منهنجا نيڻ منهنجي مرضي سان
رات جي پوئين پهر سمهندا آهن
۽ هڪ ئي خواب ڏسندا آهن
جنهن ۾ آئون تصورن سان ڳالهائي رهي آهيان
منهنجو هڪ محل آهي
ان محل ۾ آئون
حڪمراني ڪندي آهيان
اتي نه ڪا سلطنت آهي ,
نه ڪو بادشاه
نه وزير ۽ نه ئي ڪا ڪنيز
ان سلطنت جي مان ئي مها راڻي آهيان
منهنجو محل ايترو ته خوبصورت آهي,
جنهن جي ڪا حد ڪونهي
۽ بيان ڪرڻ لاء لفظ ڪونهن
پر آئون پنهنجو محل اڄ ڏينهن تائين ناهيان
گهمي سگهي
ڇوته مونکي پير ته ٻئي آهن
پر اهي مفلوج آهن
ڇا مونکي اها سزا خدا
طرفان مليل آهي
جيڪو گناه مون ڪيو آهي
مون پنهنجي هڪ الڳ ڪائنات جوڙي آهي !
ڇا دل جي ڪائنات جوڙڻ جرم آهي!
0 Comments
اوهان جو قيمتي رايو اسان لاءِ سرمايو