لوچان ٿي لاحد ۾، هادي لھان نہ حد
بسم الله الرحمن الرحيم. صبح جي شروعات رب ڪريم جي ٻاجھاري نالي کانپوء ڪروڙين درود وه صلواتون مٿي نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن تي۽ ان جي آل تي . ان کانپوء مُرشد لطيف جي رسالي جي سُر "آسا" جي هن خوبصورت بيت سان. لوچان ٿي لاحد ۾، هادي لھان نه حد سُپيريان جي سُونھن جو، نڪو قدُ نه مدّ، ھت سُڪڻ بي عددُ، ھُت پرينء پرواناه ڪا. شاه لطيف = داستان پھريون بيت به پھريون. لفظن جي معني. لوچان = ڳوليان. لاحد = لامڪان. هاديء = حقيقي رهبر. نه قد = نه ڊيگھ نه ويڪر. بيت جي سمجھاڻي. شاه سائين هن بيت ۾ فرمائي ٿو. لامڪان ۾ ڳوليان ٿي , پر ڪامل رهبر جي ڪا حدئي نه ٿي لھي سگھان . محبت جي حُسن جو ڪو حساب يا حد ئي ناهي. هت (عاشق جي اندر ۾) بي حد سڪ آھي, هت معشوق کي ڪا پرواھ ئي ناهي. پرين پيارن کي صبح جو سڪ ڀريو سلام. پاران = فقير عرفان قادر ساھڙ . تاريخ = 17 مارچ 2021 بمطابق ٢ شعبان المعظم ١٤٤٢ هجري. ڏينھن = اربع.. |
0 Comments
اوهان جو قيمتي رايو اسان لاءِ سرمايو