حسن درس جي شاعري تصويرن سميت

 حسن درس جي شاعري تصويرن سميت

حسن درس جي شاعري تصويرن سميت



تاريخ جي سگريٽ کي
تيلي چميو ته
وقت دکي پيو
۽ هڪ ڊگهي ڪشَ ۾
درد جو سۡرمئي دونهون
هوا ۾ اڏرندو ويو







نيٺ وچينءَ جو ٿيندو ويلو!
ھر ڪنھن جو ھت خير ھجي،
آئون سج لٿي جو ويندس،
مون سان گڏ ھزارين ھوندا!
آئون پوءِ بہ اڪيلو ويندس!



رستا سوڙها ۽ ٻيا وڻ
رستا سوڙها ۽ ٻيا وڻ
واهڻ پوڙها ۽ ٻيا وڻ
بن ۾ مون سان بيٺا آهن
منهنجا ڳوڙها ۽ ٻيا وڻ
ماڻهو ماريئونڪري اڪيلا
لانڊيون لوڙها ۽ ٻيا وڻ
ڌرتي ڪيئين جهُڪن هي تنهنجا
ارڏا گهوڙا ۽ ٻيا وڻ
توسان گڏ حسن هي پنڇي
جوڙا جوڙا ۽ ٻيا وڻ


ساري سنڌ پرينء جو پاڇو


ساري سنڌ پرينء جو پاڇو
جيڪو جر تي جاڳي ٿو
ٿڌ وسي ٿي واريء تي
ٿوهر ٿوهر ننڊ ڪري ٿو
هڪڙو خواب سهائو جيڪو
روز اکين ۾ کيپ ڀري ٿو
ڪارو نانگ مٿان چانڊوڪي
ڪارونجهر تي مور نچي ٿو
مون کي هڪڙو خيال اچي ٿو
ساري سنڌ پرينء جو پاڇو
جيڪر جر تي جاڳي ٿو






آئون تو ساڻ تون ڪٿي جانان!
ھن گھڙي ھاڻ، تو ڪٿي جانان!
زنـدگي زلزلـي ۾ ڦتڪـي پئـي،
ڪيڏي ڇڪتاڻ! تون ڪٿي جانان
ٿي سگھي جي ته مونکي ميڙي وٺ
زندگي واڻ تون ڪٿي جانان
آئون تو منجھه مئو پيو آھيان
پاڻ تون پاڻ تون ڪٿي جانان
چپ منھنجا نه سڪن پيا ساگر تي
اک آلاڻ تون ڪٿي جانان
ڪھڙي ڪنڊ ڪائنات جي وڃي ورتئي؟
پاڻ کي آڻ تون ڪٿي جانان
ڪنھن گھڙيء منجھه تون گھمين پيئي.
ڪو سفر ساڻ تون ڪٿي جانان
آئون رڻ ۾ رڙي سڙي ويندس
مان ٿيس پاڻ تون ڪٿي جانان
منھنجي سيني م تنھنجي سھڪي جو
آ لڳل ٻاڻ تون ڪٿي جانان
جسم تنھنجي جي گونجندڙ گرمي
ڪيڏي ڪوساڻ تون ڪٿي جانان

Post a Comment

0 Comments