پوپٽ نه پڪڙيندو ڪرِ| نظم | شيخ اياز

پوپٽ نه پڪڙيندو ڪرِ نظم شيخ اياز


 پوپٽ نه پڪڙيندو ڪرِ

شيخ اياز جي شاعري پوپٽ نه پڪڙيندو ڪرِ


پوپٽ نه پڪڙيندو ڪرِ

ڄاڻين ٿو ته گُل به پِٽي سگهندا آهن؟

هي رابيل جو گل پنهنجي زبان کولي

تولاءِ ڇا چئي رهيو آهي

اُهو فقط گلاب جا ڪَن

ٻُڌي سگهن ٿا

تون نه ٿو ڄاڻين ته پوپٽ جا پَر

دعا جا هٿ آهن

جي هو سُڳندي

ساري سنسار لاءِ کڻندو آهي

۽ جنهن کان سوا گل بي معنيٰ آهن

۽ ڦلواڙي ٻُسي لڳندي آهي


پوپٽ نه پڪڙيندو ڪرِ نظم شيخ اياز

Post a Comment

0 Comments