منصور جروار جو غزل محبتن ۾ مرضيون نه هلنديون آهن صاحب
محبتن ۾ مرضيون نه هلنديون آهن صاحب
ايڏيون وضاحتون نه هلنديون آهن صاحب
تيسيتائين هلوگڏجي جيسيتائين هلي سگهوٿا
زور۽ زبردستيون نه هلنديون آهن صاحب
پيار آهي ڪو الهامي حرفِ آخر ته ناهي
ڪوڙيون دوستيون نه هلنديون آهن صاحب
مان توکي سهايان ۽ تون وري مونکي سهائين
فالتو هي حجتون نه هلنديون آهن صاحب
بار بڻجي رشتو ته کلي کڻي جدا به ٿجي
مسلسل رنجشون نه هلنديون آهن صاحب
مان توکي پرچايان ويٺو تون پرچين ئي نه
اهي رشتيداريون نه هلنديون آهن صاحب
توکي جنهن سان گهمڻو ڦِرڻو آ ڀل گهم ڦر
ڊرامائي چاهتون نه هلنديون آهن صاحب
هل ته کِلي هل وڃ ته مسڪرائي وڃ
زور جون مهنديون نه هلنديون آهن صاحب
مڃان ٿو تون ويندين تڪليف ته ٿيندي دل
پر رڳو رڪاوٽون نه هلديون آهن صاحب
سياڻو ٿي منصور وقت بدلجي رهيو آهي مٺا
بس ائين بندشون نه هلديون آهن صاحب
0 Comments
اوهان جو قيمتي رايو اسان لاءِ سرمايو