سن جي مٽي جي خوشبو جهڙو شاعر ۽ منهنجو جگري يار ايوب کوسو | تحرير اصغر سميجو

 سن جي مٽي جي خوشبو جهڙو شاعر ۽ منهنجو جگري يار ايوب کوسو

ايوب کوسو
ايوب کوسو


سن جي مٽي جي خوشبو جهڙو شاعر ۽ منهنجو جگري يار ايوب کوسو نہ رڳو منهنجو هم عصر شاعر آھي پر هو منهنجي دل جي مسافر خاني ۾ قيام پذير چند اهم ترين مسافرن منجهان هڪ آهي

اسان 1993-94 واري دٶر ۾ بسنت هال حيدآباد ۾ گڏ شاعريون لکندا ۽ پڙھندا هئا سين انهن ڏينهن ۾ ايوب جهڏي جي ڪنيزن سان نينهن نڀائيندو رهيو تہ آئون وري ڄام شوري جي ڇڙواڳ هوائن سان دل لڳيون ڪندو هئس ۽ ڄام شوري جي ڪنهن مورڻيءَ سان دلين جا کيل کيڏندو هئس

اڳتي هلي مونکي ڪا اهڙي نوڪري ملي جو صبح اٺ بجي کان رات اٺ بجي تائين فيلڊ فيلڊ ۽ بس فيلڊ پر ان دوران سنڌي ٻولي جو هي محبوب شاعر شاعري جي ميدان ۾ انتهائي سگهارو نانءُ ٿي اڀريو ۽ مان سمجهان ٿو اڄ جي دٶر ۾ سنڌ ۾ ايوب جي قد جو ڪو شاعر شايد ئي هجي

ایوب جتي سنڌو جي سڪل پيٽن ڍنڍن ۽ ڍورن تي لکيو اتي وڇوڙن ۾ ٿي ويل محبوب جي گهِرگهلن ڇلن تي بہ لکيو هن جتي سنڌ جي نياڻين سان ٿيندڙ انياء تي لکيو تہ اتي ڪاسبي جي ڪنوارين جي نٿن بولن ۽ گجن تي بہ لکيو هن جتي ڪاهو ۽ موهن جي دڙن تي لکيو تہ اتي ٿاريلين جي دلبر گهڙن ۽ پڙن تي بہ لکيو هن جتي پوڙھن هٿن سان رونداڙيل معصوم اُرهن تي لکيو تہ اتي وري جواني جي پُر سُرور ٿڌين چمين ۽ چَڪن تي بہ لکيو مٽي جا ماڻھن سان محبت تہ ڄڻ ھن ماڻھو جو مذھب هجي

 هن شخص محبتن ۾ ڪيترو لوڙھيو ۽ ڀوڳيو آهي
سندس لفظ لفظ ان جو گواھ آھي عشق جي آڙاھ ۾ رچي ريٽو ٿيل منهنجي هن دلبر دوست جي شاعري آئون سدائين پنهنجي وال تان شيئر ڪندو رهندو آھيان اڄ مان پنهنجي آواز ۾ ايوب جو هڪ نظم اپلوڊ ڪري رهيو آھيان هن جا درد ڀريا لفظ تہ اوهانکي هُئين وڻندا گڏ منهنجي آواز ۾ جي ڪو ٿورو سُرور محسوس ڪريو تہ

هن مضمون جوليکڪ مانوارو اصغر سميجو صاحب آهي. سائين جن پيشي جي لحاظ کان انجينيئر آهن
اصغر سميجو سنڌ جو ناميارو شاعر آهي. سندس ڪلام ڪافي مشهور آهي
اصغر سميجو
اصغر سميجو

x

Post a Comment

1 Comments

  1. سن جي مٽي جي خوشبو جهڙو شاعر ۽ منهنجو جگري يار ايوب کوسو نہ رڳو منهنجو هم عصر شاعر آھي پر هو منهنجي دل جي مسافر خاني ۾ قيام پذير چند اهم ترين مسافرن منجهان هڪ آهي
    اصغر سميجو

    ReplyDelete

اوهان جو قيمتي رايو اسان لاءِ سرمايو