تو نه سوچيو آ ڪڏهن موت ته اسرار نه آ | شيخ اياز

 

تو نه سوچيو آ ڪڏهن موت ته اسرار نه آ | شيخ اياز
تو نه سوچيو آ ڪڏهن موت ته اسرار نه آ | شيخ اياز

تو نه سوچيو آ ڪڏهن موت ته اسرار نه آ


زندگيءَ کان وڏو اسرار نه آهي ڪوئي


چَنڊ گل مهر مٿان عشق جو اقرار نه آ


وقت درياھ سهين عشق جيان ڄار نه آ


پل مڇين جيئن ٿا ترڪن جي ڪوئي پيار نه آ


عاشقيءَ کان وڏو اسرار نه آهي ڪوئي


عاشقيءَ کان چڱو ڪو لوءَ ۾ ٿڌڪار نه آ


تو نه سوچيو آ ڪڏهن موت ته اسرار نه آ

Post a Comment

0 Comments