رات جو پويون پَهَر هيءَ ستارن ٻڏتَر شيخ اياز
رات جو پويون پَهَر هيءَ ستارن ٻڏتَر
رات جو پويون پَهَر هيءَ ستارن ٻڏتَر
پو به رابيل اڳي جان ڏني خوشبو تنهنجي
ٿي پوي ماڪَ گلابن تي هوا مان هرَ هَر
دل چَوي ٿي ته ملين ڪاش ڪٿي تون ٻيهرَ
ٿو پَوي وهم ته تو آهه ڏنو دستَڪ دَر
ٿي اچي واء منجهان ڄَڻ ڀني خوشبو تنهنجي
تون ٽڙي آنهه ڪٿي؟ ڪيئن چوان مان؟ ها پَر
دل چوي ٿي ته ملين ڪاش ڪٿي تون ٻيهَر
0 Comments
اوهان جو قيمتي رايو اسان لاءِ سرمايو